نيويارڪ -30 جون (اي پي پي) ايران چيو آهي، ته هو آمريڪا سان ڳالهيون انهن جي شرطن تي نه ڪندو، يورينيم جو رچاءُ هر حال ۾ جاري رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد ايرواني آمريڪي ٽي وي سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته آمريڪا سان ڳالهين لاءِ في الحال حالتون سازگار ناهن، اسان انهن جي شرطن تي ڪنهن به صورت ڳالهيون نه ڪنداسين. نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته يورينيم جو رچاءَ هر حال ۾ جاري رهندو. ايران طرفان عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر رافيل گروسي کي ڪنهن به قسم جو ڪو خطرو ناهي، هن چيو ته هن وقت ايجنسي جو معائنو ڪندڙ ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تائين پهچ حاصل نه پيا ڪري سگهن.