اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا ثقافتي هم آهنگي ۽ گڏيل افهام ۽ تفهيم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم سفارتي قدمن تحت فن، ثقافت ۽ ورثي جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي وسعت ڏيڻ جو عهد ڪيو آهي. وفاقي وزير محمد اورنگزيب کچي ۽ ملائيشيا جي سفير محمد سيافڪ فردوس حسب الله وچ ۾ ملاقات دوران ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو. سفير پنهنجي مختلف ثقافتي ورثي جي تحفظ ۾ پاڪستان جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ گڏيل عوامي لاڳاپن جي استحڪام ۾ پاڪستان جي جاري ڪردار کي ساراهيو. هن ملائيشيا جي ثقافتي سفارتڪاري ۾ واڌ ۽ فنڪاري جي ڏي وٺ ذريعي پاڪستان سان ناتن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي خواهش تي پڻ زور ڀريو. وفاقي وزير پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي گڏيل ثقافتي تقريبون، نمائشون ۽ ورثي ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي اداري جاتي صلاحيت کي اجاگر ڪيو. هن ملائيشيا جي دؤري لاءِ سفير جي باضابطه دعوت جي آجيان ڪئي ۽ گڏيل قدرن ۽ روايتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهڙيءَ طرح ٻه طرفي گڏيل ڏي وٺ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات دوران پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اي آءِ کي قديم گنڌارا تهذيب جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جيڪو ڊجيٽل جدت ذريعي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۾ تبديلي جو هڪ قدم آهي.