اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، مستونگ ۾ ليويز لائن ۽ سرڪاري ملڪيت تي فتنه الهندوستان جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير، فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي ايف سي، سي ٽي ڊي ۽ ليويز جي بهادر سپوتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن فتنه الهندوستان جي ٻن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي ايف سي، سي ٽي ڊي ۽ ليويز جي پيشواراڻي صلاحيتن کي سارهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ايف سي، سي ٽي ڊي ۽ ليويز، فوري ۽ اثرائتي رد عمل ذريعي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو. ايف سي، سي ٽي ڊي ۽ ليويز اهلڪارن، بهادري سان فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو جيڪو تعريف جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد جوان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان.