اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اسلام آباد ۾ ايران جي سفارتخاني جو دؤرو ڪيو ۽ وزيٽر بُڪ ۾ اسرائيلي اڳرائيءَ جي نتيجي ۾ ايراني هٿياربند فوج جي قيادت ۾ عام شهرين جي شهادت تي پنهنجا تعزيتي تاثر لکيا. گذريل ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان خيبرپختونخواهه جي گورنر ايراني سفارتخاني جي دؤري دوران ايراني سفير رضا امير مقدم سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ جاگرافيائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ گورنر اسرائيل طرفان ايران تي تازي اڳرائي جي مذمت ڪئي ۽ اسرائيلي اڳرائيءَ جو ڀرپور طريقي سان جواب ڏيڻ تي ايراني عوام ۽ حڪومت جي بهادري، استقامت ۽ بلند عزم کي ساراهيو. هن چيو ته ايران پاڪستان جو اسلامي ڀائر ملڪ آهي، ايران جنهن انداز سان اسرائيلي اڳرائيءَ جو جواب ڏنو آهي اهو پوري اُمت لاءِ فخر جو مقام آهي. گورنر چيو ته اسرائيل صرف ايران جو نه پر پوري خطي ۾ امن جو دشمن آهي، اسرائيل خلاف ايران جي ڀرپور دفاعي طاقت جي استعمال کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ايراني سفير اسرائيلي اڳرائيءَ دوران ايران جي سفارتي حمايت تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو.