ڪراچي-01 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري اسلام آباد ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر سنڌ جڏھن سفارتخاني پھتو ته سندس مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، ملڪ جي سلامتي، جاري صورتحال سوڌو دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر سنڌ بحيثيت شاھي مھمان حج جي ادائيگي ۽ انتظامن تي سعودي سفير جا ٿورا مڃيا. گورنر سنڌ چيو ته پاڪ – سعودي عرب جا ٻه طرفا لاڳاپا وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رھيا آھن. ھن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب ھر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. سڄي قوم سعودي خدمتن کي قدر جي نگاھ سان ڏسي ٿي. سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي گورنر سنڌ کي حج جون واڌايون ڏنيون.