اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ايران سان پاڪستان جي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي ايران جي خلاف تازي اسرائيلي جارحيت جي دوران شهيد ۽ زخمي ٿيندڙن جي لاءِ ايران جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ايراني سفارتخاني پاران ايران جي خلاف تازي اسرائيلي جارحيت جي دوران شهيد ۽ زخمي ٿيندڙ ايرانين جي ياد ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ ساڻس گڏ هئا. سفارتخاني اچڻ تي پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم ۽ سفارتخاني جي سينيئر عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم هن مشڪل وقت ۾ ايران سان پاڪستان جي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي ايران جي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ايراني قوم جي حوصلي ۽ جذبي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي شهيد ٿيندڙن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ايران کي پاڪستان جي مسلسل حمايت جو يقين ڏياريندي وزيراعظم ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.