جنيوا – 01 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي صحت بابت عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ھڪ نئين رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آھي ته سڄي دنيا ۾ ھر سال 8 لک ماڻھن جي فوت ٿيڻ جو سبب اڪيلائي آھي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ھر سال 8 لک 71 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن جي موت جو سبب اڪيلائي آھي، مطلب ھر ڪلاڪ ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻھو اڪيلو رھڻ سبب موت جو شڪار ٿي رھيا آھن. ڊبليو ايڇ او جي اھا رپورٽ ماڻھن ۽ معاشرن ۾ اڪيلائي ۽ سماجي اڪيلائي جي ڊگھي اثر کي اجاگر ڪري ٿي ۽ ان کي ”اسان جي وقت جو عام صحت جو چئلينج“ قرار ڏئي ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته 6 مان ھڪ ماڻھو اڪيلائي کان متاثر ٿئي ٿو جنھن تي صحت تي خراب اثر پوندا آھن. رپورٽ ۾ چيو ويو ته اڪيلائي ھڪ تڪليف ڏيندڙ احساس آھي جيڪو ان وقت پيدا ٿئي ٿو جڏھن گهربل ۽ حقيقي سماجي لاڳاپن وچ ۾ فاصلو پيدا ٿي ويندو آھي. ڊبليو ايڇ او جي جنرل ڊائريڪٽر ٽيڊروس ايزهانوم گيبريئس چيو ته ان دور ۾ جتي ڳنڍجڻ جا امڪان گھڻا آھن ۽ وڌيڪ ماڻھو پاڻ کي الڳ ۽ اڪيلو محسوس ڪري رھيا آھن. جڏھن ته اڪيلائي ھر عمر جي ماڻھن کي متاثر ڪري ٿي، نوجوان ماڻھو ۽ گھٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ رھندڙ ماڻھو خاص طور اڪيلائي جو شڪار ٿي رھيا آھن. اھا سماجي اڪيلائي فالج، دل جي بيماري، شوگر، عملي زوال ۽ جلد موت جو خطرو وڌائي ٿي ۽ اڪيلو رھڻ وارن ماڻھن کي ڊپريشن جو شڪار کي منھن ڏيڻ جو امڪان وڌيڪ ھوندو آھي ۽ انھن کي بي چيني ۽ خودڪشي کي به منھن ڏيڻو پوندو آھي. ان جي ابتڙ مضبوط ۽ تندرست سماجي لاڳاپا سڄي زندگي حفاظتي فائدا پيش ڪن ٿا، سنگين بيماري جي خطرن کي گھٽ ڪن ٿا، دماغي صحت کي ھٿي وٺرائين ٿا ۽ عمر کي وڌائين ٿا. اھا رپورٽ پنجن اھم شعبن تي ٻڌل عالمي ڪارروائي لاءِ ھڪ روڊ ميپ تيار ڪري ٿي جنھن ۾ پاليسي، جاچ، مداخلت، بھتر پيمائش ۽ عوامي مصروفيتن، سماجي اصولن کي نئين شڪل ڏيڻ ۽ سماجي رابطن لاءِ ھڪ تحريڪ ٺاھڻ شامل آھي. ڊبليو ايڇ او حڪومتن، ڪميونٽيز ۽ ماڻھن تي زور ڀريو ته اهي سماجي رابطن کي عام صحت جي ترجيح بڻائين.