گڏيل قومون -01 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي، ته جنگ سبب تباهه ٿيل غزه ۾ وڌندڙ خطرناڪ انساني بحران کي ڏسندي خاموش تماشائي نه ٿيو. گڏيل قومن  ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي، ته اسرائيل جي فوجي ڪارروائين ۽ امداد جي ڳولا ۾ شهرين تي حملن سان زندگين ۽ بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچي رهيو آهي. هن چيو ته غزه ۾ انساني تباهي سمجهه کان ٻاهر آهي. پاڪستاني نمائندي سخت رمارڪس ۾ غزه ۾ امداد جي ورهاست جي نئين طريقيڪار کي عالمي انساني قانون ۽ انساني وقار  جي ابتڙ قرار ڏنو. هن چيو ته اهي قدم شهرين کي سڌي ريت خطري ۾ وجهي رهيا آهن جنهن سان هو خوراڪ ۽ پاڻي جي تلاش ۾ فعال جنگي علائقن مان نڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اهڙن قدمن جو نتيجو خوفناڪ ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ ته وڌيڪ ماڻهو انساني امداد تائين پهچ جي ڪوشش دوران پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن ۽ اهي جبري قدم غزه لاءِ موت جو ڄار آهن. هن چيو ته انهي لاءِ فوجي خطرناڪ ۽ غيرقانوني اسڪيمن جي ضرورت ناهي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندي چيو ته گڏيل قومن وت پهرين کان ئي هڪ رسد جو نظام موجود آهي جيڪو انسانيت، غيرجانبداري ۽ آزادي تي ٻڌل آهي. پاڪستاني سفير چيو ته جنهن شيءِ جي ضرورت آهي اها بناروڪ ٽوڪ رسد ۽ گڏيل قومن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيڻ لاءِ سياسي عزم جي آهي.  ان ڳالهه جو ذڪر ڪنديهن چيو ته تشدد صرف غزه تائين ئي محدود ناهي. سفير عاصم افتخار  چيو ته اسرائيل عالمي قانونن جي سنئين سڌي ڀڃڪڙي ڪندي پنهنجي فوجي ڇاپن کي تيز ڪيو آهي، غيرقانوني وسندين کي وڌايو ۽ والاريل بيت المقدس سميت والاريل اولهندي ڪناري ۾ آبادڪارن تي تشدد شروع ڪيو. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل کي پنهنجا فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪامي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين نتيجن جو سبب بڻي آهي ۽ ڪائونسل جي پنهنجي اختيارن ۽ ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريندي چيو ته فلسطين عرب اسرائيل تڪرار جو مرڪز بڻيل آهي، پاڪستاني سفير سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو ته هو فوري قدم کڻي.  ان سلسلي ۾ هن هيٺ ڏنل ضروري قدمن جو خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته اسرائيل کي غزه ۽ اولهندي ڪناري  ۾ پنهنجون فوجي ڪارروائيون فوري طور تي بند ڪرڻ گهرجن، انساني امداد تي پابندي کي مڪمل طور تي ۽ غير مشروط  طور هٽائڻ گهرجي. گڏيل قومن ۽ انساني همدردي جي تنظيمن کي محفوظ ۽ بنا روڪ ٽوڪ رسائي ڏني وڃي. غزه ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير  لاءِ عرب ليگ، او آءِ سي جي منصوبي جي عالمي حمايت ڪرڻ گهرجي.  ان سلسلي ۾ ٺهراءَ 2334 جي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي جيڪو ٻه رياستي حل جي عملداري کي برقرار رکڻ ۽ زمين تي ناقابل واپسي حقن کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي.