تھران – 01 جولاءِ (اي پي پي) ايران چيو آھي ته اسرائيل جي ڪنھن به نئين امڪاني حملي جو ڀرپور جواب ڏينداسين. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايران جي ھٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف جي ترجمان اعلان ڪيو آهي ته اسان جي ھٿياربند فوج اڳ کان وڌيڪ تيار آھي ۽ ڪنھن به نئين اسرائيلي حملي جو ڀرپور طاقت سان جواب ڏيندي. ايران جي ترجمان اھو به چيو ته اسان جنگبندي جي آپشن کي ڪڏھن به قبول ناھي ڪيو. ھن چيو ته اسرائيل مڪمل طور اعتماد جي قابل نه آھي، اسرائيل دنيا ۾ به ۽ ايران ۾ به ناقابل اعتبار آھي.