واشنگٽن – 01 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شام تي لاڳو پابنديون ھٽائڻ جي حڪم نامي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آھن، جنھن جو ھن نئين عارضي اڳواڻ سان وعدو ڪيو ھو. پرڏيھي ميڊيا مطابق وائيٽ ھائوس جي پريس سيڪريٽر ڪرولائن ليوٽ جو چوڻ آھي ته انھن قدمن جو مقصد شام کي استحڪام ۽ امن ڏانھن کڻي وڃڻ ۾ مدد ڏيڻ آھي. حڪم نامو جاري ٿيڻ بعد ناڻي واري وزارت جي ايڪٽنگ انڊر سيڪريٽري بريڊ سمٿ صحافين کي ٻڌايو ته منھنجو مقصد عالمي مالياتي نظام ۾ ملڪ کي شامل ڪرڻ، عالمي واپار کي وڌائڻ ۽ خطي ۾ اسان جي پاڙيسرين سان گڏو گڏ آمريڪي سان به سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ آھي. دستاويز تي صحيحين بعد وائيٽ ھائوس طرفان ان جو متن ايڪس تي جاري ڪيو ويو.