اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد جي سيڪٽر ايڇ 16  ۾ تعمير ٿيندڙ ماڊل جيل جو دورو ڪيو. ان موقعي تي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري به ساڻس گڏ هو. وفاقي وزير تعمير ٿيندڙ ماڊل جيل جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. گهرو وزير پراجيڪٽ لاءِ پهرين مرحلي کي هلندڙ سال مڪمل ڪرڻ جي ڊيڊ لائين ڏني ۽ چيو ته رات ڏينهن ڪم ڪري تعميراتي سرگرميون هر صورت ۾ مقرره وقت اندر مڪمل ڪيون وڃن. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ماڊل جيل ۾ 1500 قيدين جي گنجائش هوندي، ماڊل جيل ۾ 90 ڏينهن اندر ٻن وڌيڪ بيرڪن جي تعمير جي هدايت ڪندي چيو ته جيل ۾ 34 بسترن تي ٻڌل اسپتال ۽ مين ڪچن جو جلد کان جلد ڪم مڪمل ڪيو وڃي.هن ڊي آءِ جي اسلام آباد پوليس کي ماڊل جيل ۾ اسٽاف جي مقرري لاءِ پلان پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.  بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جيل جي تعمير جو منصوبو 2011ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ ڪيترائي سال تعطل جو شڪار رهيو آهي. وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي آءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيون لاڳاپيل اختياريون به ان موقعي تي موجود هيون.