اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سيولا اسپين ۾ منعقد هڪ اعليٰ سطحي ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو عنوان ”بئنڪ ايبل پاڪستان، اثرائتي سيڙپڪاري ۽ معاشي تبديلي لاءِ سبز مالياتي حل“ هو. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري مملڪتي وزير شذره منصب علي خان کرل به ان موقعي تي موجود هئي. ڳالهين دوران پاڪستان ۾ سبز منصوبن لاءِ اثر انگيز حل ۽ سيڙپڪاري جي موقعن جي اهميت تي ڌيان ڏنو ويو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه  جو جائزو ورتو ته اهي قدم ڪهڙي ملڪ جي اقتصادي تبديلي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. ڊاڪٽر مصدق ملڪ سبز مالياتي طريقيڪار کي هٿي وٺائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ موسمياتي هڪجهڙائي رکندڙ سيڙپڪاري کي پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ هڪ اثرائتو ذريعو قرار ڏنو.