اسلام آباد-01 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، اسلام آباد، اتر/ ڏکڻ اوڀر پنجاب، پوٺوهار خط ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿئي سگهي ٿي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين پنجاب، اسلام آباد، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير، زوب ۽ مٺي ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي ۾ 46، دالبندين ۾ 45، دادو، موهن جو دڙو، سبي ۽ چلاس ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو..