خان ڪينڊي – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانفرنس هال پهچي ويو، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف وزيراعظم جي روايتي انداز ۾ شاندار آجيان ڪئي، ٻنهي اڳواڻن هٿ ملايو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪانفرنس ۾ پنهنجي اهم خطاب دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم علائقائي رابطن، واپار ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي قدمن کي اجاگر ڪندو. ايس سي او جي 17هين سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان، ترڪيه، ايران، افغانستان، آذربائيجان، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شريڪ آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف سمٽ ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون پڻ ڪندو.