خان ڪينڊي – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ آذربائيجان جي شهر خانڪندي ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو جنهن ۾ وزيراعظم عالمي ۽ علائقائي معاملن، واپار جي فروغ، پائيدار ترقي، علائقائي رابطن جي مضبوطي ۽ خطي جي چئلينجز جي حل تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون پڻ ڪندو.