خان ڪينڊي – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران اتر وزيرستان ضلعي جي علائقي حسن خيل ۾ پاڪستان – افغانستان بارڊر تي دراندازي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جو دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 30 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پاڪستان جي بهادر فوج شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.