اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ ڀارتي حمايت يافته 30 خوارج جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪاررواين دوران فتنه الخوارج جي 30 دهستگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. صدر چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جو ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ ڪامياب ڪارروايون ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر چيو ته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي، ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط رهندو. صدر فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.