واشنگٽن -04 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي انتظاميا ٻين ملڪن کي ٻه طرفي واپار لاءِ نوان شرط ۽ آمريڪي مارڪيٽ ڏانهن موڪلجندڙ شين تي گهربل ٽيرف جي شرح بابت آگاه ڪيو ويندو. ميڊيا رپورٽن موجب هن چيو ته اسان 4 جولاءِ کان شروع ٿيل گهربل ٽيرف جي شرح بابت ڪجهه ملڪن ڏانهن خط لکي رهيا آهيون. هن چيو ته ان خط ۾ ٽيرف جي شرح جي وضاحت ڪئي ويندي جيڪا انهن ملڪن کي آمريڪا ڏانهن پنهنجي مصنوعات جي ايڪسپورٽ لاءِ ادا ڪرڻ گهرجي. آمريڪي صدر واشنگٽن پاران ڄاڻايل خط موڪلڻ تي ٻين ملڪن جي رد عمل جو حوالو ڏيندي چيو ته هن کي اميد آهي ته سندن پاران موڪليل خطن کي سٺو سئنوڻ قرار ڏنو ويندو.