ماسڪو-04 جولاءِ (اي پي پي) روس جي فوج يوڪرين جي سرحد تي بيلگو روڊ ريجن ويجهو 20 ڪلوميٽرن جو بفر زون ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان کان اڳ ان علائقي ۾ فوجي ڪاروايون نه هجڻ جي برابر هيون. ميڊيا رپورٽن موجب تازو ئي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي محاذ جو اهو حصو مستحڪم حالت ۾ هو ۽ اتي ويڙه کي هڪ انتهائي غير معمولي واقعو تصور ڪيو ويندو هو. فوجي ماهر آندري ماروچڪو ٻڌايو ته روس جي فوج بيلگو روڊ ۽ خارڪوف وارن علائقن جي سنگم جي بنياد تي هڪ نئين 20 ڪلو ميٽر ويڪري حصي تي فوجي آپريشن شروع ڪيو هو جنهن جو مقصد هتي هڪ بفر زون ٺاهڻ آهي . بيلگو روڊ ۽ خارڪوف وارن علائقن وچ ۾ رياستي سرحد جي 20 ڪلو ميٽر ويڪري حصي تي فوجي سرگرمين ۽ حڪمت عملي جي بنياد تي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان علائقي ۾ بفر زون ٺاهڻ لاءِ روسي هٿياربند فوج جون ڪاروايون شروع ٿي ويون آهن.