نيويارڪ-04 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ۾ هڪ جهاز کي ان وقت هنگامي طور تي لينڊ ڪرڻو پيو جڏهن هڪ عورت مسافر جهاز ۾ ”بم“ جي موجودگي جو اطلاع ڏنو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها اصل ۾ هڪ ٻئي مسافر جي موبائل تي مليل ٽن لفظن واري پيغام جي غلط تشريح هئي. اهو واقعو ”آمريڪن ايئر لائنز“ جي ان اڏام دوران پيش آيو جيڪا سان خوان (پورٽو ريڪو) کان ڊيلس وڃي رهي هئي. جهاز جي اڏام جي روانگي جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ خميس جي صبح مقامي وقت موجب ”ايسلا فردي واري هنڌ هنگامي طور لينڊ ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب عورت مسافر عملي کي پيغام بابت ٻڌايو جنهن کي هن شڪي قرار ڏنو، اهو پيغام  رڳو ”آر آءِ پي“ تي ٻڌل هو جيڪو عام طور تي ”ريسٽ ان پيس“ يعني ”پرامن ننڊ ڪيو“ جي مختصر پيغام طور استعمال ٿيندو آهي. عورت ان کي جهاز تي حملي جي ڌمڪي سمجهي ورتو، عورت اها ڳالهه هڪ هوائي ميزبان کي ٻڌائي، جنهن فوري طور پائليٽ کي آگاهه ڪيو، ان اطلاع کانپوءِ جهاز ۾ هنگامي حفاظتي طريقيڪار لاڳو ڪيا ويا.