اسلام آباد-04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام، او جي ڊي سي ايل ۽ نيوٽيڪ وچ ۾ هڪ هزار نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تاريخي مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. گذريل ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان موجب آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) جي هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام (پي ايم واءِ پي)، او جي ڊي سي ايل ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان اسٽريٽجڪ حصيداري جو مقصد پاڪستاني نوجوانن کي هنرمندي، فني ووڪيشنل تربيت، راندين، ماحولياتي شعور ۽ روزگار جي موقعن ذريعي بااختيار بڻائڻ آهي. صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، او جي ڊي سي ايل جو مينيجنگ ڊائريڪٽر/سي اي او احمد حيات ۽ سندس ٽيم ۽ وفد جڏهن نيوٽيڪ جي چيئرپرسن گل مينه بلال احمد ۽ سندس ٽيم شرڪت ڪئي. يادداشت نامن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ نوجوانن لاءِ مخصوص قدمن کي هٿي ڏيڻ آهي جن ۾ ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل تعليم، روزگار جي موقعن ۾ اضافو، چونڊ راندين جا پروگرام ۽ گرين يوٿ موومينٽ (جي واءِ ايم) تحت ماحولياتي شعور اجاگر ڪرڻ شامل آهي. ان حصيداري تحت پي ايم واءِ پي ۽ نيوٽيڪ جي پليٽ فارمز ذريعي هنر تي ٻڌل تعليم ۽ ڪيريئر جي ترقي کي هٿي ڏني ويندي جڏهن ته ڊجيٽل يوٿ حب (ڊي واءِ ايڇ) ذريعي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ان کانسواءِ نوجوانن کي اي اسپورٽس، ٽئلينٽ هنٽ اسپورٽس پروگرامز ۽ رضاڪاراڻي سرگرمين ۾ مشغول ڪيو ويندو. يونيورسٽي ڪيمپسز ۽ ٻين هنڌن تي سبز قدمن ذريعي شاگردن ۾ ماحولياتي ذميواري جو جذبو اجاگر ڪيو ويندو. ان منصوبي تحت شروعاتي طور تي سڄي ملڪ مان 15 کان 35 سالن جي عمر جي هڪ هزار نوجوانن کي شامل ڪيو ويندو جنهن ۾ شموليت، علائقائي اوسر ۽ ميرٽ تي ٻڌل چونڊ کي يقيني بڻايو ويندو. ان موقعي تي ٽنهي ادارن جي سربراهن ان سهڪار جي اهميت تي روشني وڌي. او جي ڊي سي ايل جي، ايم ڊي احمد حيات چيو ته ڪمپني ملڪ جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري تي يقين رکي ٿي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ان جو اهم حصو آهي. پي ايم واءِ پي جي چيئرمين راڻا مشهور احمد خان چيو ته هي ايم او يو نوجوانن کي باوقار موقعن سان ڳنڍڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته نوجوانن کي ذاتي ترقي ۽ قومي ترقي لاءِ ضروري هنر ۽ پليٽ فارمز مهيا ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. نيوٽيڪ جي چيئرپرسن گل مينه بلال احمد چيو ته نوجوانن خاص طور تي پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙن کي ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل هنر ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن صلاحيت ۽ موقعن وچ ۾ خال کي ڀري سگهجي. هي معاهدو ٽن وڏن ادارن وچ ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي ڊگهي مدي واري تعاون جي شروعات آهي. پي ايم واءِ پي، او جي ڊي سي ايل ۽ نيوٽيڪ گڏجي هڪ اهڙي باهنر، متحرڪ ۽ ماحول دوست نوجوان طبقي جي جوڙجڪ لاءِ پرعزم آهن جيڪو پاڪستان جي پائيدار ترقي ۽ قومي يڪجهتي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندو.