پشاور-04 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخوا اسيمبلي جي مخصوص سيٽن جي ورهاست کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي اليڪشن ڪميشن جي پڌرنامي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪڻ جي گذارش ڪئي آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) بئريسٽر ثاقب ذريعي داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي منصفاڻي ورهاست ناهي ڪئي جنهن سان پارٽي جا آئيني ۽ قانوني حق متاثر ٿيا آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جمعيت علماءُ اسلام (ف) کي 7 جنرل سيٽن جي بدلي 10 مخصوص سيٽون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا به اسيمبلي ۾ 7 ميمبر آهن کين صرف 8 سيٽون ڏنيون ويون آهن. درخواستگذار موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) صوبي ۾ 6 سيٽون کٽيون آهن، هڪ آزاد اميدوار ٽن ڏينهن اندر پارٽي ۾ شامل ٿي ويو جنهن سان پارٽي جون مجموعي سيٽون 7 ٿي ويون، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جو تعين صرف 6 سيٽن جي بنياد تي ڪيو. درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن جي مخصوص سيٽن بابت جاري پڌرنامي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ مخصوص سيٽن جي نئين سر ورهاست جا حڪم جاري ڪيا وڃن. عدالت کي اها به درخواست ڪئي وئي آهي ته حتمي فيصلي تائين مخصوص سيٽن تي ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪيو وڃي.