اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ کٽڻ تي پاڪستاني ٽيم کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر پاڪستاني رانديگرن جي مالديپ جي خلاف 35 – 60 جي شاندار فتح کي ساراهيو ۽ چيو ته قومي ٽيم ڏکڻ ڪوريا ۾ ايشيائي چيمپئن بڻجي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستاني ٽيم غيرمعمولي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو، اميد آهي مستقبل ۾ ٽيم وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي.