خانڪندي – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي شهر خانڪندي ۾ 17هين اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ جاري ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ۽ پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گذريل ملاقات دوران ڪيل فيصلن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ايران جي خلاف اسرائيل جي بنا جواز جارحيت جي ڏس ۾ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي قيادت کي ساراهيو ۽ تازي بحران دوران ايران جي جنگبندي جي فيصلي کي ساراهيو. وزيراعظم ايران جي عوام ۽ حڪومت سان پاڪستان جي پختي يڪجهتي کي ورجائيندي خطي ۾ امن جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ايران سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات دوران ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان تازي بحران دوران عالمي فورمز سميت ايران جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط سفارتي حمايت کي ساراهيو ۽ تڪرار کي گهٽ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ايراني صدر کي ايراني سپريم ليڊر جي لاءِ مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ ڏنو.