لاهور -05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) جي 26هين شهادت واري ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد ڪارگل جي محاذ تي بي مثال بهادري، جرئت ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو جنهن جي دشمن به ساراهه کان سواءِ رهي نه سگهيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد وطن سان وفاداري، فرض شناسي ۽ وطن جي بچاءَ لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ وڙهڻ جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد نشان حيدر ۽ سندس ڪٽنب پوري قوم لاءِ قابل فخر آهن. مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي جوانن جي ملڪ جي حفاظت جي پختي عزم کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جون ملڪ جي دفاع خاطر لازوال قربانيون آهن.