وينس، اٽلي -05 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني عالمي برادري تي زور ڀريو ته امن لاءِ انصاف، ڳالهين ۽ انساني وقار کي ترجيح ڏئي، عالمي امن ڪانفرنس جو بندوبست بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ موجب اهڙو اظهار هن وينس ۾ عالمي امن ڪانفرنس کي اهم خطاب دوران ڪيو. ”اڄ جي عالمي امن کي درپيش چئلينجز“ جي عنوان سان رٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ يورپي شخصيتن شرڪت ڪئي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته شهباز ڀٽي کي خراج عقيدت عالمي ضمير لاءِ قرباني جي علامت آهي.  هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه انصاف ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي علمبرداري ڪئي آهي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته امن لاءِ انصاف، ڳالهين ۽ انساني وقار کي ترجيح ڏئي. هن چيو ته امن صرف جنگ نه هئڻ، پر انصاف جي موجودگي آهي. سينيٽ چيئرمين پنهنجي پٽ جي اغوا جو ذاتي واقعو بيان ڪندي شرڪت ڪندڙن کي جذباتي ڪري ڇڏيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته عالمي طاقتون مفاد ناهن، اخلاقي ذميواري تحت ڪردار ادا ڪن. هن ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عالمي ضمير کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن  چيو ته وينس ڪانفرنس، بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن لاءِ پاڪستان جي عزم جوا ظهار آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هي ڪانفرنس نه هڪ عالمي عهد آهي.