اسلام آباد -05 جولاءِ (اي پي پي) ڪيپٽن ڪرنل شيرخان شهيد جي 26 هين ورسي تي گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي قوم جي عظيم پٽ کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته ڪارگل جا جبل اڄ به ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي جرئت ۽ بهادري جا گواه آهن. گهرو وزير پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان پاڪستان جو اهو شينهن هو، جنهن ڪارگل ۾ دشمن تي دهشت جي ڌاڪ ويهاري ڇڏي، گهرو وزير چيو ته لوهي ڀت بڻجي دشمن جو ڀرپور مقابلو ڪندڙ قوم جو دلير سپاهي اڄ به دلين ۾ زنده آهي. محسن نقوي چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد وطن عزيز تان جان قربان ڪري دشمن جي عزمن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان جو شهادت وارو جذبو بهادري ۽ شجاعت جي نئين تاريخ لکي. محسن نقوي چيو ته شهيدن جو وارث قوم جو هر پٽ ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جهڙي جذبي سان سرشار آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان دشمن جي صفن ۾ خوف ۽ دهشتگردي ويهاري اڄ به زنده آهي. محسن نقوي چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جهڙن بهادر جوانن جي هوندي، دشمن وطن عزيز طرف ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت به نٿو ڪري سگهي. گهرو وزير چيو ته جرئت بهادري جي عظيم پٽ کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.