اسلام آباد -05 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ماهيگيري جي شعبي ۾ جامع سڌارن جو اعلان ڪندي، چيو آهي، ته ماهيگيري ۾ پائيداري کي يقيني بڻايو ويندو، نقصان ڏيندڙ فشنگ طريقن جي خاتمي سان گڏوگڏ لانگ لائيننگ جو طريقو متعارف ڪرايو پيو وڃي. سامونڊي معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير جنيد انوار چودري چيو ته لانگ لائيننگ سان مڇي جي قيمت ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿيندي. هن چيو ته ڪورنگي فش هاربر جي بحالي ۽ نئين سهولتن جي شروعات ٿي چڪي آهي. ايڪسپورٽ سي سڌارن سان آمدني 250 ملين روپين تائين پهچي وئي آهي. جنيد انوار چودري چيو ته سڌارن سان ٽونا روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ نمايان واڌ جو امڪان آهي، پاڪستان عالمي ٽونا گورننس ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته ٽونا انڊسٽري سان پاڪستان کي 200 ملين ڊالرن جي آمدني جو امڪان آهي، پاڪستان کي ٽونا ڪوٽا الاٽمينٽ ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. پاڪستان کي 25 هزار ميٽرڪ ٽن ٽونا فشنگ ڪوٽا الاٽ ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني ٽونا جي طلب ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي.