پيرس -05 جولاءِ (اي پي پي) چين، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ تڪرار ورجائڻ خلاف خبردار ڪندي چيو آهي، ته طاقت جو استعمال نفرت ۾ واڌ جو سبب بڻجندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پيرس ۾ فرانس جي پرڏيهي وزير جين نول بيروت سان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ هاڻوڪي فوجي تڪرار کي ورجائڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته جنگ سان ايران جي ايٽمي پروگرام جو مسئلو حل نه ٿيندو. وانگ يي موجب طاقت جو استعمال امن جي مفاد ۾ هئڻ گهرجي، نه ڪي اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته ڪو شخص صحيح آهي. چين جي پرڏيهي وزير چيو ته جنگ ايراني ايٽمي پروگرام جي چوڌاري رڪاوٽن کي حل نه ڪندي ۽ ايراني ايٽمي ماڳن تي آمريڪي بمباري سان ايٽمي تباهي جو خطرو وڌي ويو آهي، هن خبردار ڪيو ته خودمختيار ملڪ جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي بمباري هڪ ايٽمي تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جنهن جي قيمت سڄي دنيا کي ادا ڪرڻي پوندي، وانگ يي ان يقين جو اظهار ڪيو ته ايران ايٽمي هٿيار تيار نه ڪندو ۽ ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته چين ايٽمي توانائي جي پرامن استعمال جي ايران جي حق جو احترام ڪري ٿو. پرڏيهي وزير فلسطين ۽ غزه مسئلي کي حل ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته کين نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته فلسطينين جا جائز مطالبا جلد کان جلد پورا ڪرڻ گهرجن. ۽ مسلم دنيا جي انصاف جي آواز کي ٻڌڻ گهرجي.