اسلام آباد -05 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون اسان جي آزادي، خودمختياري ۽ سلامتي جي ضمانت آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد دشمن خلاف بي مثال جرئت، بهادري ۽ قرباني جو مظاهرو ڪيو. صدر مملڪت چيو ته شهيد جي قرباني اسان جي قومي تاريخ جو روشن باب آهي، جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد مادر وطن جي بچاءَ لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي سچي سپاهي هئڻ جو ثبوت ڏنو، قوم ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي قرباني، بهادري ۽ فرض شناسي کي هميشه فخر سان ياد رکندي. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيدن جون قربانيون اسان جي آزادي،خودمختياري ۽ سلامتي جي ضمانت آهن. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي عظمت ۽ شجاعت کي سلام پيش ڪيون ٿا.