ريوڊي جنيرو -07 جولاءِ (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو آهي، ته هن وقت دنيا هڪ صدي جي تيز ترين تبديلين مان گذري رهي آهي، عالمي قاعدن ۽ ضابطن کي سخت چئلينج درپيش آهن، گهڻه رخي ادارن جي اٿارٽي لاڳيتو زوال پذير آهي ۽ عالمي قانون، ۽ نظم و ضبط کي سنگين چئلينجز درپيش آهن. چين جي صدر شي جن پنگ طرفان پيش ڪيل وسيع مشاورت، گڏيل تعمير ۽ حصيداري تي ٻڌل عالمي حڪمراني جي تصور ان جي قدر ۽ عملي اهميت کي وڌيڪ واضح ڪيو آهي. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ جي رپورٽ مطابق ريوڊي جنيرو ۾ 17هين برڪس سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته برڪس ملڪن کي گلوبل سائوٿ جي پهرين جٿي جي حيثيت سان خودمختياري جي پاسداري ڪندي ذميوارين جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ يڪجهتي حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته ترقي تي ڌيان ڏيڻ ۽ اڀرندڙ شعبن جي ترقياتي امڪانن کي ڪتب آڻڻ ضروري آهي. وڌندڙ تڪرارن ۽ اختلافن کي نظر ۾ رکندي برابري ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل وسيع مشاورت کي وڌائڻ ضروري آهي. چين جي وزيراعظم چيو ته گڏيل طور تي فائديمند ترقي جي موقعن کي نظر ۾ رکندي گڏيل ڪاميابي ۽ گڏيل فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ کليل ذهن رکڻ ضروري آهي. برڪس ملڪن جي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت برازيل جي صدر لوئيز انا سيولولا داسلوا ڪئي. اجلاس ۾ 17هين برڪس سربراهي اجلاس جي ريوڊي جنيرو پڌرنامي کي منظور ڪيو ويو.