اسلام آباد-07 جولاءِ (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي صدارت ۾ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان  (ٽي ڊي اي پي) جي بورڊ جو 12 هون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سينيئر سرڪاري اختيارين ۽ ٽي ڊي اي پي بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان  جي روانگي واپار  کي وڌائڻ ۽ واپاري سهولتڪاري ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪيترن ئي اهم اسٽريٽجڪ قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ منظوري ڏني وئي. بورڊ مالي سال 26-2025ع جي سالياني بزنس پلان، 120 کان وڌيڪ عالمي نمائشن ۾ شرڪت، ايٿوپيا ۽ بنگلاديش ۾ ميڊ ان پاڪستان نمائشن، قومي سطح تي نمائشن، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ تي سيمينارز ۽ سڄي ملڪ ۾ قومي روانگي واپار جي تربيتي پروگرامن جي منظوري ڏني. علائقائي واپاري ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ تي ڊي اي پي جي ڪوئٽا ۽ سيالڪوٽ ۾ ريجنل آفيسن ۾ ڊسپلي سينٽرز، ڪانفرنس رومز ۽ آءِ ٽي ايڪسيليٽريز قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جڏهن ته سيالڪوٽ ۾ راندين جي سامان ۽ سرجيڪل اوزارن لاءِ خاص سهولتون فراهم ڪيون وينديون. بورڊ عالمي واپاري نمائشن ۾ عورت واپاري شخصيتن جي شرڪت وڌائڻ جي قدمن جي توثيق به ڪئي.وفاقي وزير ڄام ڪمال خان زور ڀريو ته پاڪسان کي روانگي واپار لاءِ رڳو روايتي مارڪيٽن تي ڀاڙڻ بدران اڀرندڙ عالمي مارڪيٽن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن روانگي واپار ۾ اضافو ٿئي ۽ مخصوص خطن تي ڀاڙڻ کي گهٽائجي.  هن ٽي ڊي اي پي اندر شعبه جاتي تحقيق لاءِ مخصوص ريسرچرز جي مقرري جي تجويز به ڏني ته جيئن ڊيٽا تي ٻڌل تحقيقي تجزيا ۽ مشورا فراهم ڪري سگهجن، جيڪي پاليسي سازي ۽ رٿابندي کي وڌيڪ موثر بڻائي. وفاقي وزير ٽي ڊي اي پي  جي نئين سر تنظيم سازي جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اداري کي هڪ موثر ۽ روانگي واپار جو مرڪزي ادارو بڻائڻ لاءِ اهي قدم اهم آهن جيڪي عالمي واپار جي جديد ضرورتن سان هم آهنگ هجن. اجلاس ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي واپاري مشنز لاءِ پروموشنل سپورٽ ۾ اضافي جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ٽي ڊي اي پي بورڊ جي سب ڪميٽين جي سفارشن جي به توثيق ڪئي وئي.