اسلام آباد– 07 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اتصالات گروپ يو اي اي جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وفد جي قيادت گروپ جي سي اي او حاتم دوئيدار ڪئي. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير کانسواءِ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ايس آءِ ايف سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر، آءِ ٽِ اينڊ ڪامرس وارن سيڪريٽريز ۽ پرائيويٽائيزيشن ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان جي وڌندڙ ڊيجيٽل معيشت ۽ ڪاروبار دوست ماحول کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم تي روشني وڌي. هن اتصالات گروپ کي ملڪ جي آءِ سي ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏين. گروپ جي سي اي او حاتم دوئيدار پاڪستان حڪومت جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ اتصالات گروپ جي پاڪستاني مارڪيٽ سان ڊگهي مدي واري عزم جي توثيق ڪندي ڊيجيٽل ترقي ۽ رباطي جي هدفن ۾ حصو وجهڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.