لاهور-07 جولاءِ (اي پي پي) عالمي شهرت ماڻيندڙ سماجي اڳواڻ عبدالستار ايڌي جي نائين ورسي 08 جولاءِ اڱاري ڏينهن ملهائي ويندي. ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. عبدالستار ايڌي پهرين جنوري 1928ع تي ڀارت ۾ پيدا ٿيو هو، انساني خدمت جي ڪم کي هن ايتري هٿي ڏني ته سندس فائونڊيشن جا 400 کان وڌيڪ مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن. هو 25 جنوري 2013ع تي گردن جي بيماري ۾ مبتلا ٿيو ۽ 8 جولاءِ 2016ع تي 87 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ياد رهي ته انسانيت جي خدمت ۽ ڀلائي جي حوالي سان هو هميشه زنده رهندو.