يڪاترنبرگ-07 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اختر جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد روس جي يڪاترنبرگ جو دؤرو ڪيو، جتي وفد سالياني انو پروم صنعتي فورم ۾ شرڪت ڪئي. هارون اختر خان فورم جي پهرين ڏينهن مختلف صنعتي نمائشن جو دؤرو ڪيو ۽ روسي صنعت ۾ موجود جديد فني صلاحيتن ۽ جدت جو مشاهدو ڪيو. دؤري دوران هن پاڪستان ۽ روس جي ڪاروباري ادارن وچ ۾ صنعتي سهڪار جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون، خاص طور تي گڏيل صنعتي منصوبن ۾ سيرپڪاري جي موقعن تي زور ڀريو. هارون اختر انهن روسي ڪمپنين سان به ملاقاتون ڪيون جيڪي پاڪستان ۾ معدنيات جي ڳولها ۽ ترقيءَ ۾ دلچسپي رکن ٿيون. ان موقعي تي پاڪستاني وفد ۽ روس جي صنعت ۽ واپار واري وزير انتون اليخانوو وچ ۾ ملاقات به ٿي جنهن ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحاليءَ بابت فني معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو. ٻنهي ڌُرين صنعتي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو. پاڪستاني وفد روسي عملدارن کي پاڪستان جي نئين صنعتي پاليسيءَ بابت آگاهه ڪيو جيڪو سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري ٿو. هارون اختر روسي ڪمپنين کي دعوت ڏني ته هو پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ بسز، لوڪوموٽيوز، ڀاڻ، دوائن ۽ زرعي مشينري جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا قائم ڪن ته جيئن ٻئي ملڪ صنعتي ترقي ۽ اقتصادي ڀائيواريءَ جي نئين دؤر ۾ داخل ٿي سگهن.