راولپنڊي-07 جولاءِ (اي پي پي) آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري) چيو آهي ته اسان جي آبادي جي مرڪزن، فوجي اَڏن، اقتصادي مرڪزن ۽ بندرگاهن کي نشانو بنائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي شديد ۽ سوچ کان وڌي ڪري سخت جواب ڏنو ويندو، جنگيون ميڊيا جي بيان بازي، ٻاهران گُهرايل فينسي جنگي ساز و سامان يا سياسي نعريبازي سان نه پر يقين، محڪم، پيشيوراڻي قابليت، آپريشنل شفافيت، ادارن جي مضبوطي، قومي عزم ۽ حوصلي ذريعي کٽيون وڃن ٿيون. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري) نيشل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ ”نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس“ جي هٿياربند فوج جي فارغ ٿيل آفيسرن کي خطاب ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي خطاب دوران فيلڊ مارشل جنگ جي بدلجندڙ ڪردار تي روشني وڌي. فيلڊ مارشل ڏُکين حالتن ۾ مُشڪل چئلينجز سان اثرائتي طور مُنهن ڏيڻ لاءِ ذهني تياري، عملي فهم ۽ اداره جاتي پيشيوراڻي مهارت جي اهميت تي زور ڀريو. آرمي چيف هائبرڊ، روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي اثرائتي انداز ۾ مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ مستقبل جي قيادت جي تياريءَ ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جهڙي اهم ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. آرمي چيف سول ۽ ملٽري ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ تي پڻ زور ڀريو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته ڀارت آپريشن سندور دوران پنهنجا مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ڀارت طرفان آپريشن سندور ۾ ناڪاميءَ جي غير منتقي وجهه پيش ڪرڻ اصل ۾ ڀارت جي آپريشنل تياري ۽ اسٽريٽجڪ دورانديشي جي کوٽ کي ثابت ڪري ٿو، آپريشن بنيان المرصوص ۾ پاڪستان جي ڪاميابيءَ ۾ ڀارت طرفان پرڏيهي حمايت جهڙا الزام غير ذميداراڻا ۽ حقيقتن جي ابتڙ آهن، ان قسم جا بيان ڀارت خلاف آپريشن بنيان المرصوص ۾ پاڪستان جي ڪاميابي کي تسليم ڪرڻ ۾ روايتي سستي جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ پاڪستان جي ڏهاڪن تي ٻَڌل حڪمت عملي، مقامي صلاحيت ۽ مضبوط ادارن جي بنياد تي ڪاميابي کي تسليم ڪرڻ کان ڀڄڻ آهي. هن چيو ته خاص طور تي ٻه طرفي فوجي تڪرار ۾ ٻين ملڪن کي شامل ڪرڻ، ڀارت جي ناقص سياسي ڪوشش آهي، ڀارت طرفان اهڙيءَ طرح جي بي بنياد بيانن جو مقصد خطي ۾ فرضي ”نيٽ سيڪيورٽي پروائڊر“ جي پاڻمرادي بنايل رول جي ناڪام ڪوشش آهي، اهو به ان وقت ۾ جڏهن خطي جا ملڪ ڀارت جي جارحاڻي ۽ هندو پرست نظريي مان تنگ آهن، ڀارت جي خود غرضي ۽ تنگ نظر ورتاءُ جي ابتڙ پاڪستان سڄي دنيا ۾ اصولي سفارتڪاري تي ٻڌل مستحڪم حصيداري، گڏيل احترام ۽ امن جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪيا آهن ۽ پاڻ کي خطي ۾ نيٽ ريجنل سٽيبلائزر ثابت ڪيو آهي. آرمي چيف پاڪستان جي اصولي مؤقف کي ورجائيندي چيو ته ڪنهن به اڳرائي، پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتيءَ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش يا ڀڃڪڙي جو بنا ڪنهن دير جي فوري ۽ مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، اسان جي آبادي جي مرڪزن، فوجي اَڏن، اقتصادي مرڪزن ۽ بندرگاهن کي نشانو بنائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي شديد، تڪليف ڏيندڙ ۽ سوچ کان وڌي ڪري سخت جواب ڏنو ويندو، ان سان پيدا ٿيندڙ ڇِڪتاڻ جي اصل ذميداري بصيرت کان محروم مغرور ڀارت تي لاڳو ٿيندي جيڪو هڪ خودمختيار ايٽمي رياستي خلاف جوش ڏيارڻ سان پيدا ٿيندڙ امڪاني تباهه ڪن نتيجن جو خيال رکڻ ۾ ناڪام رهيو. هن چيو ته جنگيون ميڊيا جي بيان بازي، ٻاهران گُهرايل فينسي جنگي ساز و سامان يا سياسي نعريبازي سان نه پر يقين، محڪم، پيشيوراڻي قابليت، آپريشنل شفافيت، ادارن جي مضبوطي ۽ قومي عزم ۽ حوصلي ذريعي کٽيون وڃن ٿيون. فيلڊ مارشل پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت، جذبي ۽ جنگي تياريءَ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. فيلڊ مارشل فارغ ٿيندڙ آفيسرن تي زور ڀريو ته هو ديانتداري، مخلص خدمت ۽ قوم لاءِ پُختي عزم تي ثابت قدم رهن. اين ڊي يونيورسٽي پهچڻ تي يونيورسٽي جي صدر آرمي چيف جي آجيان ڪئي.