ڪراچي-06 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه يوم عاشوره جي موقعي تي حضرت امام حسين رضه ۽ شهداءِ ڪربلا کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته رسول صلي الله عليه وسلم جن جي ڏوهٽي حضرت امام حسين رضه دين جي بقا ۽ امت جي اصلاح لاءِ عظيم قرباني پيش ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عاشوره جي ڏهاڙي 1447هجري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندس 72 جان نثارن حق جي سربلندي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، جيڪو انسانيت جي تاريخ ۾ هڪ روشن مثال آهن. وڏي وزير چيو ته ڪربلا جو واقعو رڳو هڪ سانحو ناهي پر هڪ فڪري، روحاني ۽ اخلاقي تحريڪ آهي، جيڪو اسان کي صبر، قرباني ۽ استقامت جو سبق ڏئي ٿو. حضرت امام حسين رضه جو پيغام ظلم آڏو نه جهڪڻ جو نالو آهي، جنهن باطل آڏو جهڪڻ بدران شهادت کي قبول ڪيو. سنڌ ڌرتي هميشه حضرت امام حسين رضه جي پيغام کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني ۽ سنڌ جي صوفي بزرگن به ان پيغام کي محبت، انسانيت، عدل ۽ آزادي سان ڳنڍي ڇڏيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته شاهه لطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي شاعري ۾ حضرت امام حسين رضه جو غم ۽ پيغام اڄ تائين زنده آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ٿيندڙ عزاداري، مجلسُون ۽ جلوس صوبي جي امن، اتحاد ۽ عقيدت جي علامت آهن. هن چيو ته حضرت امام حسين رضه جا پوئلڳ هميشه حق ۽ سچائي جا علمبردار رهندا ۽ سندن پيغام آخرت تائين مظلومن جو آواز بڻجي گونجندو رهندو. وڏي وزير محرم الحرام جي پيغام تي زور ڏيندي چيو ته هي مهينو اسان کي رواداري، ڀائيچاري ۽ قرباني جو درس ڏئي ٿو. هن ٻڌايو ته يوم عاشوره جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن ۽ مجلسن ۽ جلوسن دوران امن امان هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويو آهي.