اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته عاشوره جو ڏهاڙو اسلامي تاريخ جو هڪ روشن ۽ لازوال باب آهي، جيڪو اسان کي قرباني، حق تي بيهڻ جو پيغام ڏئي ٿو، هي ڏينهن رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ڏوهٽي حضرت امام حسين رضي الله عنھ ۽ ان جي جانثار رفيقن جي عظيم شهادت جي ياد ڏياري ٿو، جيڪا باطل خلاف هڪ ابدي جدوجهد جي علامت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري عاشوره جي ڏهاڙي 1447هجري جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته هي ڏينهن نه رڳو قرباني، وفا ۽ صبر جو هڪ بي مثال داستان آهي پر هڪ روشن ڏيئو پڻ آهي جيڪو هر دور جي اونداهين ۾ حق ۽ سچائي جو رستو ڏيکاري ٿو. امام عالي مقام جي شهادت ڪنهن سياسي يا وقتي مصلحت جو نتيجو نه هئي پر هي هڪ الاهي مشن هو جنهن جو بنياد صداقت، عدل ۽ خدا جي رضا هئي. هن چيو ته ڪربلا جي سر زمين تي صرف هڪ جنگ نه وڙهي وئي، پر اتي ضمير، ڪردار ۽ دين جي اصل روح جو امتحان هو. صدر چيو ته امام حسين رضي الله عنه ۽ ان جي جانثارن بک، اڃ ۽ موت جي شدت کي قبول ڪري انسانيت جي تاريخ کي اهو سبق ڏنو جنهن کي زمانو ڪڏهن به وساري نٿو سگهي، ان جو پيغام اڄ به زنده آهي ۽ هي اصولن تي بيهي وڃڻ، ظلم ۽ ڏاڍ آڏو نه جهڪڻ ۽ حق خاطر هر قرباني ڏيڻ جو عظيم پيغام آهي. صدر چيو ته اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي ملڪ کي درپيش چئلينجز تي غور ڪيون ته محسوس ٿيندو ته اسان کي به قوم طور حسيني ڪردار جي سخت ضرورت آهي، اسان کي امام حسين رضي الله عنه جي رستي تي هلندي نه صرف پنهنجي نفس جي اصلاح ڪرڻي آهي پر پنهنجي حڪمراني واري نظام، سماجي روين ۽ قومي ترجيحن کي به ايمانداري، شرافت ۽ عام فلاح تي اختيار ڪرڻو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي اڄ اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان کي امام حسين رضي الله عنه جي حريت واري پيغام ۽ عدل جو اهڃاڻ بڻائينداسين ۽ ڀائيچاري، محبت، رواداري ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏينداسين، منهنجي الله رب العزت کان دعا آهي، ته هو اسان کي امام حسين رضي الله عنه جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. اسان جي دلين ۾ ايمان جي غيرت، جرئت، تقويٰ، صبر ۽ ايثار پيدا فرمائي ۽ اسان جي ملڪ پاڪستان کي استحڪام، خوشحالي ۽ گڏيل محبت جو گهوارو بڻائي.