اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته عاشوره جو ڏهاڙو اسلامي تاريخ جو هڪ عظيم ۽ سبق ڏيندڙ ڏينهن آهي، جيڪو اسان کي صبر، قرباني ۽ اصولن تي ڄمي بيهڻ جو اهو عظيم مثال عطا ڪري ٿو جيڪو قيامت تائين انسانيت جي ضمير کي روشني ڏيکاريندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عاشوره جي ڏهاڙي 1447هجري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته 10 محرم الحرام تي ڪربلا جي ميدان ۾ جيڪو معرڪو ٿيو اهو ڪو عام معرڪو نه پر هميشه لاءِ هڪ دائمي پيغام آهي، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي ڏوهٽي حضرت امام حسين رضي الله عنه پنهنجي خاندان ۽ جانثار رفيقن سان سچائي، عدل ۽ دين جي سربلندي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، پر باطل آڏو ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪايو. وزيراعظم چيو ته سندس عظيم قرباني اسان کي ياد ڏياري ٿي ته اصولن جي حفاظت ۽ حق تي ڄمي بيهڻ لاءِ بلند حوصلو ۽ پختو يقين گهربل هوندو آهي. هن چيو ته امام حسين رضي الله عنه جي شهادت سان اها ڳالهه چٽي طرح ظاهر آهي ته اسلام جو اصل روح ۽ انساني وقار، عدل، رحم، اصول پرستي ۽ حريت تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چيو ته ڪربلا جو واقعو اسان کي اهو درس ڏئي ٿو ته جيتوڻيڪ حق جي راهه ڏکي آهي، پر اهو ئي اهو رستو آهي جيڪو الله تعاليٰ جي رضا، دلين جي اطمينان ۽ دائمي فلاح جو ذريعو بڻجي ٿو. امام عالي مقام جو پيغام صرف ان جي زماني تائين محدود ناهي، پر هڪ تاريخي پيغام آهي، جيڪو اڄ به اسان کي اهو باور ڪرائي ٿو ته مسلمان حق لاءِ بيهي ٿو، مظلوم جو ساٿ ڏئي ٿو ۽ هر حال ۾ انصاف جي حمايت ڪري ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ جڏهن اسان جي قوم کي ڪيترائي چئلينجز آڏو آهن، توڙي جو اهو معيشت جا هجن، معاشري جا يا قومي اتحاد اسان کي امام حسين رضي الله عنه جي سيرت مان رهنمائي وٺڻ لاءِ اڳ کان به وڌيڪ ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي قومي زندگي ۾ ديانت، برداشت، صبر، قرباني ۽ اصول پسندي جهڙن ڳڻن کي جاءِ ڏيڻي پوندي. انفرادي روين کان وٺي رياستي پاليسين تائين جيڪڏهن اسان ڪربلا جي روشني ۾ پنهنجو رستو طئي ڪيون ته پاڪستان هڪ فلاحي، منصفاڻي ۽ خوددار رياست بڻجي سگهي ٿي جيڪا نه رڳو پنهنجي عوام جي امنگن جي ترجمان هجي پر سڄي دنيا لاءِ به هڪ مثال هجي. وزيراعظم چيو ته حضرت امام حسين رضي الله عنه جي عظيم قرباني پوري مسلم امت جو گڏيل سرمايو آهي، اسان کي گهرجي ته هن مقدس پيغام کي وحدت جو ذريعو بڻايون ۽ پنهنجي معاشري کي محبت، رواداري ۽ خير خواهي جو ڳهوارو بڻايون. وزيراعظم چيو ته اچو ته اڄوڪي ڏينهن اسان عهد ڪيون ته اسان پنهنجي زندگين ۾ حق ۽ صداقت کي اختيار ڪنداسين، اسان ظلم خلاف آواز اٿارينداسين ۽ پنهنجي وطن کي اهو امن، عدل ۽ وقار عطا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جنهن جي جهلڪ سيدنا امام حسين رضي الله عنه جي روشن ڪردار مان ملي ٿو. وزيراعظم چيو ته منهنجي دعا آهي، ته الله پاڪ پاڪستان کي امن، اتحاد ۽ ترقي جي راهه تي گامزن رکي ۽ ملڪ کي داخلا ۽ خارجي فتنن کان محفوظ فرمائي، استحڪام نصيب ڪري. اسان کي اها دانش ۽ حڪمت عطا فرمائي جنهن سان اسان هڪ روشن ۽ باوقار مستقبل طرف وڌي سگهون.