اسلام آباد-07 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، خيبر پختونخوا، ڪشمير، اتر اوڀر بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪشمير، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران خيبر پختونخوا، ڪشمير، پنجاب، اتر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۽ مٺي، سکر ۾ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي. جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ موسم شديد گرم رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي ۾ 46، چلاس ۾45، دالبندين ۾ 44، بونجي ۾ 43، گلگت، جيڪب آباد، خيرپور، اوڪاڙه ۽ نورپور ٺل ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي تنبيه جاري ڪندي چيو آهي ته 07 ۽ 08 جولاءِ دوران تيز برسات سبب مري، گليات، مانسهره، ڪوهستان، ايبٽ آباد، بونير، چترال، دير، سوات، شانگله، نوشهره، صوابي، مردان، اسلام آباد، راولپنڊي، ڊي جي خان، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير ۽ بلوچستان(بارکاڻ، ڪوهلو، موسي خيل، ڊيره بگٽي، لورالائي، بولان، زوب، زيارت، قلات، خضدار، آواران، لسٻيلو) جي مقامي/ برستي ندي نالن ۾ ٻوڏ جو خدشو آهي. شديد برسات سبب خيبر پختونخوا، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ سب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي.