ڪراچي-07 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ لياري ۾ عمارت ڪرڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم، سنڌ سرڪار ۽ اسين سڀ هن سانحي تي ڏکويل آهيون، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کي معطل ڪيو ويو آهي، جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي. ڪراچي ۾ گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ مڪاني ادارن ۽ پورھئي واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وڏي وزير فوري طور تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي. پريس ڪانفرنس دوران مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪميٽي جي سربراهي ڪمشنر ڪراچي ڪندو ۽ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته شهر جون 51 انتهائي زبون حال عمارتون فوري طور ڊاهيون وڃن. وڌيڪ 588 زبون عمارتن جي به ڪمشنر ڪراچي جي نگراني هيٺ جانچ ڪئي ويندي ته جيئن خطرناڪ عمارتن کي وقت سِر خالي ڪري ۽ ڊاھي سگھجي. سعيد غني چيو ته لياري جي متاثر ٿيل خاندانن کي في فرد 10 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته 2022ع کان متاثر علائقي ۾ مقرر ڪيل سمورن آفيسرن کي جانچ ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ جنهن آفيسر جي لاپرواهي ثابت ٿي ان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار به واقعي کي ”هڪ وڏو الميو“ قرار ڏيندي چيو ته مجرماڻي ڪوتاھي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين گرفتار ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊز ۽ سنڌ سرڪار جا پنهنجا پنهنجا قانون آهن، وڏي وزير چيو آھي ته جيڪو به ملوث هجي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڪچين آبادين کي ڏسي رهيا آهيون سنڌ ۾ 740 عمارتون اهڙيون آهن جن کي ٿوري گهڻي مرمت جي ضرورت آهي ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ڪو مسئلو ناهي، اسان ڪورونا ۽ ٻوڏ دوران بھ متاثرن لاءِ به بندوبست ڪيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتون هڪ سنگين مسئلو آهي ۽ ايس بي سي اي جي ذميواري آهي ته اھڙين اڏاوتن کي روڪي. هن چيو ته ايس بي سي اي جي قانونن ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي ۽ ٻن هفتن ۾ تجويزون طلب ڪيون ويون آهن ته جيئن غير قانوني اڏاوتن ۽ زبون حال عمارتن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت اهو به غور ڪري رهي آهي ته عمارتون ڊاهڻ جو اختيار ايس بي سي اي کي ڏنو وڃي يا ڪنهن نجي اداري حوالي ڪيو وڃي. ڪميٽي جي سفارشن کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن قانوني ڪارروائي جي ضرورت پئي ته ان تي به عمل ڪيو ويندو.