ابوظهبي-07 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي يو اي اي جي چٽاڀيٽي ۽ تجربن جي ڏي وٺ بابت ڪابينه معاملن جي نائب وزير عبدالله ناصر لوطه سان دبئي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستاني سفير، يو اي اي جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن ناتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ٻه طرفن رابطن وارن قدمن تي نائب وزير جو شڪريو ادا ڪيو. جاري ڪيل پريس رليز موجب هن جامع ترقي ۽ هم آهنگي جي ماڊل کي هٿي وٺرائڻ تي يو اي اي جي ڏور رس قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جيڪو سڄي دنيا جي ماڻهن خاص طور تي متحرڪ پاڪستانين کي موقعا فراهم ڪري ٿو. سفير فيصل نياز ترمذي، يو اي اي حڪومت طرفان پاڪستان جي سينيئر عملدارن تي ٻَڌل وفد جي ميزبانيءَ کي به ساراهيو. پاڪستاني وفد يو اي اي جي مختلف وزارتن ۽ عملدارن سان 8 ۽ 9 جولاءِ تي گڏيل تجربن جي ڏي وٺ جي پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ گورننس ۽ عوامي خدمتن جي فراهميءَ ۾ جدت تي توجهه ڏني ويندي. ملاقات دوران عبدالله ناصر لوطه يو اي اي طرفان پاڪستان سان سهڪار ۽ خاص طور تي گورننس، پبلڪ سيڪٽر ۾ چٽاڀيٽي ۽ جدت طرازي ۾ سهڪار جي تسلسل کان علاوه مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي نمايان صلاحيتن تي روشني وڌي ۽ يو اي اي طرفان مڪمل سهڪار جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. سفير ٻُڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ٽيڪس اوڳاڙين جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ يو اي اي جي ڪامياب ٽيڪس آٽوميشن سسٽمز مان سکڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي يو اي اي سان علم ۽ تجربن جي ڏي وٺ لاءِ ان موقعي مان ڀرپور فائدو کنيو وڃي.