بخارسٽ-07 جولاءِ (اي پي پي) رومانيا ۾ شديد گرمي جي لهر سبب گادي واري شهر بخارسٽ سميت 15 ڪائونٽيز ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو. نيشنل ميٽرولاجيڪل ايڊمنسٽريشن اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ گرمي پد 41 ڊگري سيلسيس تائين وڌڻ جو امڪان آهي. شديد گرمي جو الرٽ 8 جولاءِ تائين لاڳو ڪيو ويو آهي، ان دوران هيٽ ويو شدت اختيار ڪري ملڪ جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر وارن حصن تائين وڌي ويندو. ريڊ وارننگ سبب متاثر ٿيندڙ ڪائونٽيز ۾ مهيڊينتي، گورج، ڊولج، اولٽ، ويلسيا،ارجس، ٽيليوريمين، گيورگيو، ڊمبوويتا، پرهووا، بوزائو، بريلا، آئيالوميتا، ڪيلارسي، الوف ۽ گادي وارو شهر بخارسٽ شامل آهن. منجهند جي وقت گرمي پد 38 ڊگري سيلسيس ۽ 41 ڊگري سيلسيس وچ ۾ رهندو جڏهن ته رات جي وقت گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 21 کان 21 ڊگري سيلسيس وچ ۾ رهندو.