برن – 07 جولاءِ (اي پي پي) سوئٽزر لينڊ ايران جي گادي واري شھر تھران ۾ پنھنجو سفارتخانو ٻيھر کولي ڇڏيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق سوئٽزرلينڊ جي پرڏيھي وزارت جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اسان ايران ۾ حالتن جي عدم استحڪام سبب 20 جون تي عارضي طور بندش بعد سفارتخانو ٻيھر کولي ڇڏيو آھي. ياد رھي ته سوئٽزر لينڊ ايران جي گذريل مھيني اسرائيل سان ھوائي جنگ دوران پنھنجو سفارتخانو بند ڪري ڇڏيو ھو.