نيويارڪ – 07 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي ارب پتي ۽ واپاري شخص ايلون مسڪ ان ڳالھه کي رد ناھي ڪيو ته مستقبل ۾ سندس پارٽي آمريڪا جي صدارتي اميدوار جي حمايت ڪري سگھي ٿي، سندس چوڻ ھو ته اسان جي پارٽي لاءِ ايندڙ 12 مھينن دوران ڪانگريس ۾ سيٽون حاصل ڪرڻ اولين ترجيح ھوندي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايلون مسڪ جي ايڪس تي جاري پنھنجي بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته صدر لاءِ ڪنھن اميدوار جي حمايت ڪرڻ سوال آھي، پر ايندڙ 12 مھينن لاءِ ڌيان ايوان ۽ سينيٽ تي آھي. واضح رھي ته 30 جون تي ايلون مسڪ آمريڪا ۾ ٽئين سياسي جماعت ٺاھڻ جو مطالبو ڪيو ھو.