گڏيل قومون -07 جولاءِ (اي پي پي) ايران طرفان ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ سبب هزارين افغان پناهگير افغانستان جي سرحد تي گڏ ٿي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن چيو آهي، ته افغانستان روانگي جي ڊيڊ لائين کان ڪجهه ڏينهن اڳ ايران مان هزارين افغان پناهگير بارڊر تي گڏ ٿي ويا، جنهن سان سرحد تي هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي. مئي جي پڄاڻي تائين ايران غير رجسٽرڊ افغانين کي 6 جولاءِ تائين ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي هئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ان فيصلي سان ايران ۾ رهندڙ  60 لک  افغانين مان امڪاني طور تي 40 لک متاثر ٿيندا.  پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جو جمعي ڏينهن چوڻ هو ته جون جي وچ ڌاري سرحد پار ڪندڙ ماڻهن جي تعداد ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي. اداري جي مطابق پهرين جولاءِ 2025ع  کان اسلام قلعه کان 43 هزار کان وڌي پناهگير سرحد پار ڪري افغانستان جي اولهندي صوبي هرات ۾ داخل ٿيا. گڏيل قومن جي اداري انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن جو چوڻ آهي، ته جون ۾ 2 لک 50 هزار کان وڌيڪ افغان پناهگير ايران مان افغانستان پهتا. افغانستان ۾ ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي نمائندي تاج الدين اويولي ان کي ڏکي صورتحال  قرار ڏنو آهي. اهو هن ملڪ لاءِ هڪ هنگامي صورتحال  آهي جيڪو اڳ ئي پناهگيرن جي مستقل واپسي واري بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، هلندڙ سال ايران ۽ پاڪستان مان 14 لک افغان پناهگير افغانستان واپس اچي چڪا آهن. هن پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته واپس ايندڙن ۾ 25 سيڪڙو ٻار آهن. ايندڙ پناهگير خاندان گهٽ سامان ۽ رقم سان گڏ سرحد پار ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي، ته افغان پناهگيرن جي وڏي تعداد ۾ آمد سان افغانستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته هتي اڳ ئي غربت، بيروزگاري ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا مسئلا موجود آهن. گڏيل قومن افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن تي زور ڀريو آهي ته اهي اهڙن حالتن ۾ کين زبردستي افغانستان نه موڪلين.