واشنگٽن -07 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا جي رياست ٽيڪساس ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿي ويلن انگ وڌي 80 ٿي ويو آهي جڏهن ته 40 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين گم آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪير ڪائونٽي جي شيرف ليري ليٿا چيو آهي، ته صرف هن ئي ڪائونٽي  ۾ 68 ماڻهن فوت ٿيا جن ۾ 21 ٻار شامل آهن. ٻين چئن ڪائونٽيز ۾ گڏيل طور 12 فوتگين جا اطلاع آهن. ليٿا ٻڌايو ته ڪيمپ مسٽڪ جون  10 نينگريون ۽ هڪ ڪائونسلر اڃا به گم آهن ۽ امدادي ڪارروائيون اڃا تائين جاري آهن. ٽيڪساس جي گورنر گريگ ايبٽ ٻڌايو ته رياست جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 41  ماڻهو اڃا تائين گم آهن. هن خبردار ڪيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي آهي جنهن سان رياست جي ڪيترن ئي حصن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي. فيڊرل ايمرجنسي مينجمينٽ ايجنسي  7 پناهه گاهون قائم ڪيون آهن جتي متاثرن لاءِ خوراڪ ۽ پاڻي به فراهم ڪيو پيووڃي.