برازيليا-07 جولاءِ (اي پي پي) ڀارت کي هڪ ٻي سفارتي ڌچڪي کي منهن ڏيڻو پيو آهي جڏهن برڪس تنظيم جي اجلاس دوران پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جو نالو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ميمبر ملڪن ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارت پنهنجي بيانيي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ لابنگ به ڪئي هئي جڏهن برڪس فورم، ڪواڊ ۽ ايس سي او جي طرح نئين دهلي جي دعوائن جي توثيق ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن سان پاڪستان خلاف ڀارتي پروپيگنڊه مهم هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي وئي. 22 اپريل جي پهلگام حملي تي پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کي ڌچڪو لڳو ۽ برڪس، ڪواڊ ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت وڏن عالمي فورمز، پاڪستان جو نالو وٺڻ کان انڪار ڪيو يا نئين دهلي جي بيانيي کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو. سفارتي سطح تي شرمندگي ڀارت جي هڪ عادت بڻجي چڪي آهي. برڪس اجلاس ۾ 22 اپريل جي پهلگام حملي جي مذمت ته ڪئي وئي جنهن ۾ 26 شهري مارجي ويا پر ڀارت جي اصرار باوجود پاڪستان جو ذڪر نه ڪيو ويو. 2 جولاءِ تي ڪواڊ پرڏيهي وزارتن جي اجلاس ۾ به بالڪل ائين ئي ٿيو جنهن ۾ پهلگام واقعي جي مذمت ڪئي وئي پر پاڪستان جو نالو نه ورتو ويو.