لنڊن-07 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ پنجن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٽيون ميچ 10 کان 14 جولاءِ تائين انگلينڊ جي گادي واري شهر جي مشهور ڪرڪيٽ گرائونڊ لارڊز ۾ کيڏيو ويندو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي. آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي ليڊز ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ ڀارت کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني پر برمنگهم ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ مهمان ڀارتي ٽيم شاندار ڪم بيڪ ڪندي ميزبان انگلينڊ کي 336 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. 5 ٽيسٽ، ميچن جي سيريز ۾ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀلوڙ بيٽسمين شڀمن گل ليڊ ڪندو جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم کي مشهور آل رائونڊر بين اسٽوڪس ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيون ٽيسٽ ميچ 10 کان 14 جولاءِ، چوٿون ٽيسٽ ميچ 23 کان 27 جولاءِ جڏهن ته پنجون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 31 جولاءِ کان 4 آگسٽ تائين کيڏيو ويندو.