اسلام آباد-04 جولاءِ (اي پي پي)ناقابل شڪست پاڪستاني ٽيم پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جي بنياد تي ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپئين شپ 2025 ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستاني ٽيم ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپئين شپ جي پليٽ ڊويزن ڪپ جي فائنل ميچ ۾ شاندار ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف مالديپ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو . ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپئين شپ جي پليٽ ڊويزن ڪپ جي فائنل ميچ ۾ پاڪستان مخالف مالديپ جي عورتاڻي ٽيم کي 35 جي ڀيٽ ۾ 60 پوائنٽس تان شڪست ڏني.واضع رهي ته پاڪستان فائنل سميت ستن ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.